انجينئر اوڀايو خشڪ

انجينئر اوڀايو خشڪ

انجينئر اوڀايو خشڪ

انجينئر اوڀايو خشڪ: سنڌ جي نامياري ماهر انجينئر ۽ ليکڪ محمد اوڀايي خشڪ جو جنم 2 سيپٽمبر 1949ع تي ڳوٺ درويش، تعلقي گهوڙاٻاري، ضلعي ٺٽي ۾ محمد عرس خشڪ جي گهر ۾ ٿيو. پرائمري تعليم ڳوٺ مان حاصل ڪرڻ بعد ميٽرڪ 1965ع ڌاري گورنمينٽ هاءِ اسڪول، ٺٽي ۽ انٽر 1967ع ۾ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج، حيدرآباد مان پاس ڪري سول انجينئرنگ جي ڊگري 1971ع ۾ سنڌ يونيورسٽي انجينئرنگ ڪاليج، ڄامشوري (هاڻي مھراڻ يونيورسٽي آف انجينئرنگ سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي) مان حاصل ڪيائين. شاگرديءَ واري دؤر ۾ سنڌ اسٽوڊنٽ ڪلچرل آرگنائيزيشن جو پھرين سينيئر وائيس چيئرمئن ۽ 1971ع ۾ هڪ سال لاءِ چيئرمئن ٿي رهيو. هن عملي زندگيءَ جو آغاز 1972ع کان آبپاشي کاتي ۾ سب انجينئر طور ڀرتي ٿيڻ سان ڪيو، جتان 37 سال نوڪري ڪرڻ کانپوءِ پھرين سيپٽمبر 2009ع تي بحيثيت پراجيڪٽ ڊائريڪٽر رٽائر ڪيائين. ادبي حوالي سان سندس چار ڪتاب ڇپجي چڪا آهن، جن مان هڪ آتم ڪٿا جو ڪتاب ’چيتاري چيام‘ جي نالي سان 2016ع ۾ ڇپيو، ٻيو ڪتاب سنڌ- پنجاب پاڻي ڇڪتاڻ تي ’سنڌ- پنجاب پاڻي مامرو‘ جي عنوان سان 2020ع ۾ شايع ٿيو. ٽيون ڪتاب مشھور هاري ۽ قومپرست اڳواڻ قاسم پٿر جي زندگي توڙي سياسي جدوجھد تي، مختلف شخصيتن طرفان لکيل مضمونن کي سھيڙي ’گوندر گس پرينءَ جا‘ نالي سان ڇپرايائين. جڏهن ته چوٿون ڪتاب ’سنڌوءَ جو رستو نه روڪيو‘ (مضمون: 2022ع) شامل آهن.ان کانسواءِ مختلف وقتن تي سياسي سماجي مسئلن تي لکيل سندس مضمون ڪيترن ئي سنڌي اخبارن ۾ ڇپجندا رهن ٿا. 2009ع ۾ ’مخدوم معين عرف مخدوم ٺارو‘ جو پھريون سيمينار منعقد ڪرائڻ جي موقعي تي قاسميه لائبريري، ڪنڊياري مان مخدوم معين جا ويھه کن ڪتاب هٿ ڪري پنھنجي ذاتي لائبريري قائم ڪيائين، جنھن ۾ هن وقت اڍائي هزار کن ڪتاب موجود آهن. پاڪستان ۾ پاڻيءَ جي کوٽ ۽ ورڇ تي انگريزيءَ ۾ لکيل سندس هڪ ڪتاب ”Hydro Power Policies in Pakistan“ ڇپائي هيٺ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1949.09.02  عيسوي

سنڌ جي نامياري ماهر انجينئر ۽ ليکڪ محمد اوڀايي خشڪ جو جنم 2 سيپٽمبر 1949ع تي ڳوٺ درويش، تعلقي گھوڙاٻاري، ضلعي ٺٽي ۾ محمد عرس خشڪ جي گھر ۾ ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

اديب فيروز شاهي
جامي چانڊيو
شيخ محمد حاجن پروفيسر
جاويد ٽاڪاڻي
خواجه خورشيد انور
قاضي علي اڪبر درازي
چنا محبوب علي سيوهاڻي
بالميڪي/والميڪي
رکل داس بينرجي
غلام محمد ساکاڻي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون